پينئرو پهاڙ

پينئرو پهاڙ: تعلقي قمبر جي ديهه. ڪوهستان ۾ ”سيتا نئن“ جي اولهه ۾ موجود آهي. هن پهاڙ جي رڪاوٽ سبب سيتا نئن اتر طرف موڙ کائي 90 درجي جي ڪنڊ ٺاهي ٿي. هن پهاڙ ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي قدرتي صلاحيت آهي، جنهنڪري مٿس”پينئرو“ يعني ”پيئندڙ“ يا ”پيئاڪ“ پهاڙ نالو پيو. هي جبل قمبر جي اولهه اتر جي ڪنڊ ۾، اٽڪل 65 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، 300 فوٽن جي اوچائيءَ تي موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو